پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

Rahim-Yar-Khan-25616

پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

رحيم يار خان جي علائقي دولت ڪوٽه ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي فوري طور تي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن ڄڻن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي ڄڻا پيءُ ۽ پٽ هئا، واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*