ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿي ويل امجد صابري جي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي، صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي، نثار کهڙَي ۽ نفيسه شاهه پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي

Ppp-Amjad-sabri-family-25616

ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿي ويل امجد صابري جي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آهي، صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي، نثار کهڙَي ۽ نفيسه شاهه پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، مولابخش چانڊئَي چيو آهي ته دهشتگرد هيروز کي نشانو بڻائي ملڪ ۾ مايوسي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا.

جڳ مشهور قوال امجد صابري جي پونئيرن سان چوٿين ڏينهن به تعزيتن جو سلسلو جاري آهي، صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي، نثار کهڙَي ۽ ايم اين اي نفيسه شاهه سندس لياقت آباد واري گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.

صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امجد صابري تمام سٺو انسان هو، سندس قتل سان پاڪستان کي نقصان پهتو آهي.

هن چيو ته دهشتگرد هيروز کي نشانو بڻائي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بيچيني پکيڙڻ چاهين ٿا، انسانيت جي دشمنن امجد صابري کي قتل ڪيو، جن خلاف ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊئَي چيو ته امجد صابري جي قاتلن کي سخت سزا ڏني ويندي، جڏهن ته ڪيس ۾ گرفتارين جي حوالي سان کيس ڪابه ڄاڻ نه آهي.

ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙَي چيو ته امجد صابري تمام بهترين ماڻهو هو، هــُو واپس نه ايندو پر سندس آواز هميشه گونجندو رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*