سنڌ حڪومت کي ختم ڪري صوبي ۾گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي شهري مولوي اقبال حيدر پاران داخل ڪرايل درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي

Sindh-High-Court

سنڌ حڪومت کي ختم ڪري صوبي ۾گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي شهري مولوي اقبال حيدر پاران داخل ڪرايل درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اويس شاهه جي اغوا ۽ امجد صابري جي قتل کانپوءِ سنڌ سرڪار شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

مولوي اقبال حيدر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ان ڪري سنڌ حڪومت کي ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ امجد صابري جي قتل ۽ اويس شاهه جي اغوا وارن واقعن کانپوءِ شهري عدم تحفظ جو شڪار آهن.

اڄ مولوي اقبال حيدر  تڪڙي ٻڌڻي ڪرڻ واري درخواست داخل ڪرائيندي سنڌ حڪومت کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*