ٺٽو پوليس پير ڳوٺ ويجهو عدالت جي حڪم تي زرعي فارم تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل عورتن ۽ ٻارڙن سميت 63 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو

Tatho-Bazyab-Hari-25616

ٺٽو پوليس پير ڳوٺ ويجهو عدالت جي حڪم تي زرعي فارم تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل عورتن ۽ ٻارڙن سميت 63 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، عدالت هارين کي مرضي موجب زندگيءَ گذارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ٺٽي جي انچارچ سيشن جج جي حڪم تي گهوڙا ٻاري پوليس پير ڳوٺ ويجهو زميندار ڪفايت الله شيخ جي زرعي فارم تي ڇاپو هنيو، جنهن ۾ ناحق قيد ۾ رکيل ڪولهي برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن، هيرو، رانجها، لالو، راڻي، لڇمي، جامي، امر، چندرا سميت  63 هارين کي بازياب ڪرايو ويو.

پوليس بازياب ڪرايل هارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت هارين جو موقف ٻڌڻ بعد کين مرضي موجب زندگيءَ گذارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*