آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خاص عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي خورشيد شاهه

  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خاص عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي ٿئي، اي پي سي ۾ صرف ايترو طئي ٿيو هو ته خاص عدالتون قائم ڪيون وينديون.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته خاص عدالتون دهشتگردن ۽ انهن جي معالي معاونت ڪندڙن خلاف ڪيسز جون ٻڌڻيون ڪنديون.

هن چيو ته سمورين پارٽين وچ ۾ خاص عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ بدران ملٽري ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙو اتفاق ليگل ٽيم جي ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ طئي ٿيو هو ته فوجي عدالتون قائم ڪيون وينديون، جنهن لاءِ ليگل ٽيم قائم ڪئي ويندي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ خاص عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي ٿئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*