نارو ڀرسان نارا ڪينال جا ڪپر ڪمذور هئڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو

Naro-Kinal-Water-25616

نارو ڀرسان نارا ڪينال جا ڪپر ڪمذور هئڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته ڪپرن جي مرمت نه ڪئي وئي ته ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آهي.

نارا ڪئنال جي آرڊي 257 ۽ 258  کان ڪپر ڪمذور هئڻ خلاف ڳوٺاڻن وزير خاصخيلي .سليم خاصخيلي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته نارا ڪئنال جي آرڊي 257 ۽ 258  کان تيز سان ڳاڄ ٿي رهي آهي، پر اطلاع باوجود آبپاشي عملدار اگهور ننڊ ستل آهن.

هنن چيو ته نارا ڪينال جا ڪپر ڪمذور هئڻ ڪري ڳوٺ ڪريم بخش ڀنڀرو، ڦليل پنهيار، عاشق رڏم محبت نظاماڻيم وزير خاصخيلي، سليم خاصخيلي  سميت ٻيا ڳوٺ  ٻڏڻ جو خدشو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته واپرواهي ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪرائي ڪپرن جي مضبوطي وارو ڪم جلد کان جلد شروع ڪرايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*