لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، جنريٽر نه هلائڻ ۽ صفائي نه هئڻ خلاف مريض ٻارن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Larakan-Children-Protest-25616

لاڙڪاڻي جي چلڊرين اسپتال ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، جنريٽر نه هلائڻ ۽ صفائي نه هئڻ خلاف مريض ٻارن جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مريض ٻارڙن جي وارثن خير محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چلڊرين اسپتال آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته اسپتال ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيدنگ جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن دوران سخت گرمي ۾ بيمار ٻارڙن لاءِ جنريٽر به نه ٿو هلايو وڃي.

هنن چيو ته اسپتال ۾ صفائي سٿرائي سميت ڪي به سهولتون نه آهن، جنهن ڪري مريض ٻارڙا پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اسپتال انتظاميا پاران مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*