لاهور جي عدالت اسڪينڊل گرل قنديل بلوچ سان سيلفيز ڪڍرائڻ تي مفتي عبدالقوي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Qamdeel-baloch-25616

لاهور جي عدالت اسڪينڊل گرل قنديل بلوچ سان سيلفيز ڪڍرائڻ تي مفتي عبدالقوي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

لاهور جي وڪيل سيشن ڪورٽ ۾ مفتي عبدالقوي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مفتي عبدالقوي مذهبي اسڪالر آهي ۽ عوام کيس رول ماڊل ڏسڻ چاهي ٿو، کيس  قنديل بلوچ سان ملاقاتون ڪرڻ وارو عمل نٿو سونهين.

درخواستگذار موجب، مفتي عبدالقوي قنديل بلوچ سان گڏ تصويرون ڪڍرائي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي، تنهن ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو اڄ ئي ٻڌائڻ جا امڪان آهي.

واضح رهي ته قنديل بلوچ سان گڏ تصويرون ڪڍرائڻ تي مفتي عبدالقوي جي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ واري ميمبرشپ به معطل ڪئي وئي هئي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*