سعودي عرب سميجت ٻين عرب رياستن ۾ رمضان المبارڪ جو آخري ڏهاڪو شروع ٿيڻ ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهي ويا

10-ramadan-itikaf

سعودي عرب سميجت ٻين عرب رياستن ۾ رمضان المبارڪ جو آخري ڏهاڪو شروع ٿيڻ ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهي ويا، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڄ شام اعتڪاف ۾ ويهندا.

سعودي عرب ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صلي  الله عليه وآلهِ وسلم سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهي ويا.

پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جو اڄ ويهون روزو هئڻ ڪري شام ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهندا.

رمضان المبارڪ جو آخري ڏهاڪو بخشش جو ڏهاڪو آهي، جنهن ڪري هر سال وڏي انگ ۾ ماڻهو اعتڪاف ۾ ويهي ڌڻي در ٻاڏائي دعائون گهرندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*