مٽياري ويجهو مهمان ٿي آيل جوابدار مبينا طور گهر ڌڻي ۽ سندس زال کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو

matiari-muder

مٽياري ويجهو مهمان ٿي آيل جوابدار مبينا طور گهر ڌڻي ۽ سندس زال کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي.

پوليس موجب شاهپور درپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام شاخ ۾ گهر ڌڻي رند علي جکراڻي جو ڪهاڙين جا وار لڳل لاش هٿ آيو، جڏهن ته سندس زال پالڪي عرف ٻانهي کي زخمي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب مسمات پالڪي زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فتو جکراڻي 2 ڏينهن کان مقتول رند علي جکراڻي وٽ مهمان طور ترسيل هو، پوليس موجب جوبدار مبينا طور گهر ڌڻي ۽ سندس زال کي قتل ڪرڻ بعد فرار  ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*