آمري ويجهو ڪراچي کان ڊيرا غازي خان ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا

edhi

آمري ويجهو ڪراچي کان ڊيرا غازي خان ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا.

انڊس هاءِ وي تي آمري ويجهو ڪراچي کان ڊيرا غازي  ويندڙ مسافر ڪوچ ڊاٽسن کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 13ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ۽ امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي سن اسپتال منتقل ڪيو، جتان 9 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب ڄامشورو ۽ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اي ايس پي سيوهڻ راءِ مظهر اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حادثي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽن ڄڻا سن جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*