ڪراچي ۾ مٽي گاڏر تيز هوائون لڳڻ سبب پرڏيهي اڏامون متاثر ٿي ويون

ڪراچي ۾ مٽي گاڏر تيز هوائون لڳڻ سبب پرڏيهي اڏامون متاثر ٿيون آهن، مختلف ملڪن کان ايندڙ 3 اڏامن کي مختلف ايئر پورٽس تي لاٿو ويو آهي.

سول ايويئيشن اٿارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي تيز هوائون لڳڻ سبب ايران ايئر لائين جي اڏام کي ايران جي شهر زاهدان ۽ عمان کان ڪراچي ايندڙ اڏام کي ڀارت جي شهر احمد آباد ۾ لاٿو ويو، جڏهن ته ايمرٽس ايئر لائين کي مسقط ۾ لاٿو ويو آهي.

 سي ايو اي جي ترجمان چيو آهي ته جهازن جي ٽيڪ آف ڪرڻ ۾ مسئلو نه آهي پر لينڊنگ جو فيصلو پائلٽ پنهنجي جهاز جي حساب سان ڪري سگهن ٿا.

ڪراچي ۾ تيز هوائون لڳڻ سبب شهرين کي تمام گهڻي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*