سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ منشيات جي روڪٿام بابت جاڳرتا جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

world-drugs-day

سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ منشيات جي روڪٿام بابت جاڳرتا جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، عالمي ادارن جي رپورٽ موجب دنيا ۾ منشيات تي ضابطي واري ڪوششن باوجود هر سال منشيات جو واهپو ڪندڙن جي انگ ۾ 5 لک ماڻهن جو واڌارو ٿي رهيو آهي.

منشيات جي عالمي ڏهاڙي تي مختلف شهرن ۾ ميڙاڪن، سيمينارز ۽ ريلين ذريعي نشي جي نقصانن کان آگاهي ڏني ويندي.

عالمي ادارن جي رپورٽ موجب منشيات جي واهپي ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، دنيا ۾ منشيات جي روڪٿام واري ڪوششن باوجود هر سال 5 لک ماڻهو نشي واري بري عادت جو شڪار ٿي رهيا آهن.

عالمي اداري جي رپورٽ موجب افغانستان، ميانمار، ميڪسيڪو، ڪولمبيا، پيرو، بوليويا ۽ مراڪش ۾ 90 سيڪڙو منشيات تيار ٿئي ٿي.

پاڪستان ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ قائم اي اين ايف جي ناڪامي سبب شراب، هيروئن، آفيم، چرس، گٽڪي، ڪوڪين ۽ ٻيون نشي وارين شين جي اسمگلنگ وڏو ڪاروبار بڻيل آهي.

هر ننڍي وڏي شهر ۾ آساني سان نشي واريون شيون ملڻ ڪري نوجوانن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*