وزيراعظم نواز شريف اهم اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو آصف زرداري سان ون ٽو ون ملاقات جو پڻ امڪان

وزيراعظم نواز شريف، پارلياماني پارٽين جي سربراهن جو اهم اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو آهي، جنهن ۾ فوجي عدالتن جي قيام بابت کين اعتماد ۾ ورتو ويندو،  جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم نواز شريف ۾ ون ٽو ون ملاقات جو امڪان پڻ آهي.

ذريعن موجب، فوجي عدالتن جي قيام تي مختلف سياسي پارٽين پاران خدشا ظاهر ڪرڻ بعد وزيراعظم نواز شريف سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف سڀاڻي پارلياماني پارٽين جي سربراهن جو اهم اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو آهي.

اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي، جي يو آءِ جي مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ ٻين اڳواڻن کي شرڪت لاءِ دعوت پڻ ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي قيام بابت سياسي پارٽين جا خدشا ختم ڪيا ويندا ۽ ان حوالي سان کين اعتماد ۾ وٺڻ سان گڏ سندن تجويزون پڻ ورتيون وينديون.

 پ پ ذريعن موجب، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽  پاران وزيراعظم جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ظهراڻي واري دعوت قبولي ورتي آهي.

ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم نواز شريف ۾ ون ٽو ون ملاقات جو پڻ امڪان آهي.

ملاقات دوران، وزيراعظم نواز شريف، آصف علي زرداري کي فوجي عدالتن جي قيام تي اعتماد ۾ وٺندو، جڏهن ته موجوده صورتحال تي ساڻس سياسي صورتحال تي مشاورت پڻ ڪندو.

ذريعن موجب، سياسي پارٽين فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم تي به اعتماد ۾ ورتو ويندو، جنهن بعد ترميم بل جو مسودو پارليامينٽ جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*