امجد صابري فن ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪيو، سندس قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو:وقتي صدر ميان رضا رباني

karachi-raza-rabani

وقتي صدر ميان رضا رباني امجد صابري جي قتل جي مذمت ڪندي  چيو آهي ته امجد صابري فن ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪيو، سندس قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

رضا رباني لياقت آباد ۾ امجد صابري جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر سعيد غني، سينيٽر شاهي سيد ۽ سينيٽر طاهر مشهدي به موجود هئا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته امجد صابري سان سندس ذاتي واسطو هو ۽ ان جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

وقتي صدر چيو ته امجد صابري فن ذريعي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، ان جي فن کي نه ڪمري ۾ بند ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري قبر ۾ لاهي سگهجي ٿو.

رضا رباني چيو ته امجد صابري جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ عوام جي شرڪت ثابت ڪيو ته کين دهشتگردن جي ايجنڊا قبول نه آهي.

هن چيو ته دهشتگردي ذريعي قوم جي طرز زندگي کي تبديل نٿو ڪري سگهجي.

ان کان سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي عيادت ڪندي رضا رباني چيو  ته هو ڪوشش ڪندا ته عبدالستار ايڌي جو علاج پاڪستان ۾ ئي  ڪرايو وڃي.

رضا رباني عبدالستار ايڌي جي عيادت ڪندي سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالستار ايڌي چيو ته سموري قوم عبدالستار ايڌي جي ٿورائتي آهي ۽ ايڌي جهڙا ماڻهو دنيا ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سٺيون اسپتالون موجود آهن ۽ هو عبدالستار ايڌي جو علاج پاڪستان ۾ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*