بدين ويجهو ڳوٺ گومندو ڪولهي ۾ هڪ ڀوپـَي ٻن نينگرين مان جن ڪڍڻ جي نالي تي وحشياڻو تشدد ڪري هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن کي ماري ڇڏيو

badin-map

بدين ويجهو ڳوٺ گومندو ڪولهي ۾ جهالت وڌيڪ ٻن ڄڻن جون حياتيون کسي ورتيون، هڪ ڀوپـَي ٻن نينگرين مان جن ڪڍڻ جي نالي تي وحشياڻو تشدد ڪري هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن کي ماري ڇڏيو، ٻئي نينگريون به ٻن ڏينهن کان بيهوشيءَ واري حالت ۾ پيل، پوليس واقعي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي.

ڳوٺ گومندو ڪولهي ۾ ڀوپي جئي رام ڪولهي ٻن نينگرين سيتا ۽ ماريا مان جن ڪڍڻ لاءِ 70 ورهين جي شريمتي امرو ڪولهي ۽ مولچند ڪولهي کي ضامن طور ويهاري پڙهائي ڪئي ۽ ٽن ڏينهن تائين مسلسل وحشياڻو تشدد ڪيو.

ڀوپي جي تشدد ۾ شريمتي امرو ڪولهي 2 ڏينهن اڳ فوت ٿي وئي ۽ مولچند کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

وارثن شيوڪ ۽ صدام ڪولهي الزام هنيو آهي ته ڀوپي جي تشدد سبب 2 نينگريون به گذريل ٻن ڏينهن کان بيهوشي حالت ۾ پيل آهن.

وارثن مطالبو ڪيو آهي ته ڀوپي جئَي رام ڪولهي کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ٻئي طرف پوليس واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن وارثن ڪيس داخل ڪرايو ته جاچ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*