ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ڪمرشل عمارت کي گذريل رات لڳل باهه ٻيهر ڀڙڪي اٿي

karachi-cilaftan-fire

ڪراچي جي  ڪلفٽن  واري علائقي ۾  ڪمرشل عمارت کي گذريل رات لڳل باهه ٻيهر ڀڙڪي اٿي آهي، جنهن تي ضابطي لاءِ ڊي ايڇ اي ۽ ڪي ايم سي اي جي فائربرگيڊ عملي پاران  ڪوششون جاري آهن،  متاثر عمارت جي اٺين  ماڙ تان  هڪ سيڪيورٽي گارڊ جو سڙيل لاش  هٿ آيو آهي.

ڪلفٽن واري علائقي ۾ 9 ماڙ ڪمرشل عمارت کي گذريل رات لڳل باهه تي فائر برگيڊ عملي ضابطو آندو، ڪجهه ڪلاڪن بعد عمارت جي نائين ماڙ تي ٻيهر باهه ڀڙڪي اٿي آهي، جنهن کي ڊي ايڇ اي ۽ ڪي ايم سي جي فائر برگيڊ عملي پاران وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن.

چيف فائر آفيسر تحسين احمد موجب باهه لڳڻ کانپوءِ عمارت ۾ ڦاٿل 12 ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته متاثر عمارت جي اٺين ماڙ تان هڪ سيڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ آيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران باهه جي چوٿين واقعي تي سنڌ سرڪار حرڪت ۾ آئي، مڪاني ادارن وارو  وزير ڄام خان شورو متاثر  عمارت جي معائني  لاءِ پهتو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڄام خان شوري چيو ته سهولتن جي کوٽ سبب فائر فائٽرز کي باهه وسائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ کي هيليڪاپٽر ڏيڻ لاءِ سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*