شڪارپور پوليس چڪ ويجهو شر ڳوٺ تي چڙهائي ڪري هڪ مبينا طور باندي بڻيل عورت کي بازياب ڪرائيندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

shikarpur-map

شڪارپور پوليس چڪ ويجهو شر ڳوٺ تي چڙهائي ڪري هڪ مبينا طور باندي بڻيل عورت کي بازياب ڪرائيندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

چڪ، رستم ۽ لکي غلام شاهه ٿاڻن جي پوليس ايس پي جي اسپيشل اسڪواڊ سان گڏ چڪ لڳ ڳوٺ شر تي چڙهائي ڪري مسمات ريشمان زال عبدالغفور جٽ کي بازياب ڪرائي ورتو.

پوليس اغوا جي الزام هيٺ سڪندر شر کي گرفتار ڪري ورتو، مزاحمت تي پوليس جوابدارن جي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڇڏيو.

بازياب ٿيل عورت ٻڌايو ته 3 مهينا اڳ لاهور جي هڪ اسپتال ۾ جوابدارن کيس نشو ڏئي اغوا ڪيو ۽ ڪچي ۾ رکيو ويو.

ايس ايس پي شڪارپور عمر طفيل ٻڌايو ته مسمات ريشمان پنجاب جي رهواسڻ آهي، پوليس ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ته دانهون ڪندي ٻاهر نڪري آئي.

هن ٻڌايو ته ناري جي چوڻ تي جوابدار سڪندر شر کي گرفتار ڪري وٽائنس ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي، ڪيس داخل ڪري جوابدار کي سومر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

بازياب ڪرايل عورت کي شڪارپور وومين سيل تي رکيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*