سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن پاران مالي سال 2015 ۽ 2016 جي بجيٽ جي خرچن ۾ ڪٽوٽيءَ جون پيش ڪيل سموريون 114 رٿون رد

sindh-assembly

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن پاران مالي سال 2015 ۽ 2016 جي بجيٽ جي خرچن ۾ ڪٽوٽيءَ جون پيش ڪيل سموريون 114  رٿون رد ڪيون ويون، حڪومت پاران مختلف شعبن ۽ منصوبن ۾ خرچ لاءِ تجويز ڪيل رقمن جي منظوري ورتي وئي، وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو وڏو سبب زمينن تي قبضا آهن، وڏين سفارشن باوجود ڪراچي مان ساڍا 6 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ڇڏايا ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران حڪومت پاران 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال 2015 ۽ 2016 لاءِ 44ارب 70 ڪروڙ ۽ 48 لک اضافي خرچن واري بجيٽ جي منظوري ورتي وئي، جنهن دوران اپوزيشن پاران پيش ڪيل سموريون ڪٽوتيون واريون رٿون رد ڪيون ويون.

  اجلاس دوران متحده جي هير سوهو وزير اعليٰ هائوس جا اضافي خرچ گهٽائڻ بابت ڪٽوتي واري رٿ پيش ڪئي، جڏهن ته متحده جي ناهيد بيگم ڪٽوتي واري رٿ پيش ڪندي چيو ته وزيرن لاءِ عوام جي پئسن مان وڏيون وڏيون گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن.

   نصرت سحر عباسي چيو ته اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود زمينن تان قبضا ختم نه ٿيا آهن.

   وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو وڏو سبب زمينن تي قبضا آهن.

هن چيو ته وڏين سفارشن باوجود ڪراچي ۾ ساڍا 6 هزار ايڪڙ زمين تان قبضو  ختم ڪرايو ويو آهي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته زمينن تي قبضن ۾ وڏا ماڻهو ملوث ، سمورو جهيڙو زر ۽  زمين جو آهي ۽ ٽيون سبب هو نه ٻڌائيندو.

   فنڪشنل ليگ جي امتياز شيخ   چيو ته ٽنڊي محمد خان ۾زهريلي شراب  سبب 40 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا جنهن کانپوءِ رڳو ڪجهه عملدارن کي معطل ڪيو ويو جيڪي بعد ۾ بحال ٿي ويا .

   ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري وزير گيانچند ايسراڻي چيو  هٽايل عملدارن کي بحال نه ڪيو ويو آهي ۽ 40 ڄڻن جي فوت ٿيڻ وارو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.

   فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته حڪومت ڪچي شراب جي واهپي کي نه روڪي سگهي آهي ۽ وڏي وزير وري  شراب سبب فوت ٿيلن کي شهيد قرار ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*