عبدالستار ايڌي لاءِ ايوارڊ ۽ اعزاز ننڍي ڳالهه آهن، هن دنيا آڏو پاڪستان جو تعارف انسان دوست ملڪ طور ڪرايو آهي: پرويز رشيد

parveez-rashid-edhi

وفاقي وزير پرويز رشيد ڪراچي ۾ ناليواري سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي  عيادت ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي لاءِ ايوارڊ ۽ اعزاز ننڍي ڳالهه آهن، هن دنيا آڏو پاڪستان جو تعارف انسان دوست ملڪ طور  ڪرايو آهي .

پرويز رشيد عبدالستار ايڌي جي عيادت ڪندي کيس وزير اعظم پاران گلدستو پيش ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته عبدالستار ايڌي پاڪستان جي خدمت ڪندي ملڪ کي انسان دوست طور متعارف ڪرايو  آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير نئين نسل کي پنهنجي محسن عبدالستار ايڌي جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ايڌي لاءِ  ايوارڊ ۽ اعزاز ننڍي ڳالهه آهن.

ه

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*