انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو سلياني ڪانفرنس سڀاڻي انگلينڊ جي گادي واري شهر لنڊن ۾ ٿي رهي آهي

iCC-confrince

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو سلياني ڪانفرنس سڀاڻي انگلينڊ جي گادي واري شهر لنڊن ۾ ٿي رهي آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پي سي بي چيئرمين شهريارخان ڪندو.

ڇهن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ آءِ سي سي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي، بورڊ ميٽنگ کانسواءِ واري واري سان ڪيترن ئي ڪميٽين جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ مختلف ڪميٽين جا 50 ميمبرز شرڪت ڪندا.

پي سي بي چيئرمين شهريارخان پڻ لنڊن ۾ ترسيل آهي ۽هو آءِ سي سي جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو،جنهن ۾ هو انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي درخواست ڪندو ته ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ سمورا ميمبر ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن،ڇاڪاڻ جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه ٿيڻ سبب ملڪ جي ڪرڪيٽ کي نقصان پهچي رهيو آهي،جنهن لاءِ آءِ سي سي ان حُوالي سان خاص فنڊز جاري ڪري.

اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي بحث ڪيو ويندو،جنهن ۾ ڪرڪيٽ ڪميٽي پاران ملندڙ نين تجويزن جي منظوري ڏني ويندي.

ڪرڪيٽ ۾ نئين ٽيڪنالوجي جي حُوالي سان پڻ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*