فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي هڪ اهم ميچ ۾ پورچوگال جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪروشِيا جي ٽيم کي شڪست

Euro-footbal

فرانس ۾ جاري يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي هڪ اهم ميچ ۾ پورچوگال جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪروشِيا جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفا ءِ ڪري ورتو آهي.

فرانس جي شهر ليئون ۾ کيڏي ويل يورو ڪپ فٽبال ٽورنامنٽ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي اهم ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

ٻنهي ٽِيمن وچ ۾کيڏي ويل اهم ميچ مقرر وقت اندر برابر رهي،جنهن بعد کين اضافي 30 منٽ ڏنا ويا.

ميچ ۾ ڪروشيا جي ٽيم کي فيوريٽ قرار ڏنو ويو هو،ڇاڪاڻ جو ان ٽيم پنهنجي گروپ ۾ اسپين جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي هئي.

اضافي وقت جي 17هين منٽ ۾ پورچوگال پاران رڪارڊو ڪورزما گول اسڪور ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ميچ ۾ شڪست بعد ڪروشيا جا سمورا رانديگر گرائونڊ ۾روئيندي نظر ِآيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*