باجي رائو مستاني” 12 ايوارڊ ٻهاري آئيفا ايوارڊ جو ميلو لٽي ورتو

bajiraomastani759

17هين آئيفا ايوارڊ جو ميلو فلم “باجي رائو مستاني” لٽي ورتو، پر بهترين فلم جو ايوارڊ “بجرنگي ڀائيجان” جي حصي ۾ آيو. اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ ٿيل تقريب جي ميزباني شاهد ڪپور ۽ فرحان اختر ڪئي. “باجي رائو مستاني” فلم مجموعي طور تي 12 ايوارڊ ماڻيا، جن ۾ رنوير سنگهه بهترين اداڪار، سنجي ليلا ڀنسالي بهترين ڊائريڪٽر ۽ اداڪاره پريانڪا چوپڙا بهترين معاون اداڪاره جا ايوارڊ به  شامل آهن. اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون “باجي رائو مستاني” بدران ”پيڪو” تي بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ماڻيو آهي “بجرنگي ڀائيجان” بهترين فلم ۽ بهترين اسڪرين پلي جا ايوارڊ ماڻيا، بهترين معاون اداڪار جو ايوارڊ انيل ڪپور کي “دل ڪو ڌڙڪني دو”، بهترين منفي ڪردار جو ايوارڊ درشن ڪمار کي اين ايڇ ٽين ۽ بهترين مزاحيه اداڪار جو ايوارڊ ديپڪ ڊوبريال کي تنو ويڊس منو ريٽرن تي ڏنو ويو. بهترين نئين اداڪار ۽ اداڪاره جا آئيفا ايوارڊ وڪي ڪوشال ۽ ڀومي پيڊنيڪر ۽ بهترين نئين جوڙي جو اياورڊ سورج پنچولي ۽ آٿيا شيٽي جي حصي ۾ آيو. بهترين پلي بيڪ سنگر جا ايوارڊ مونالي ٺاڪر ۽ پپون کي ڏنو ويو،  پريانڪا چوپڙا کي وومين آف دي ايئر ايوارڊ به ڏنو ويو. ميڊرڊ ۾ ٿيل آئيفا ايوارڊ جي تقريب دوران سلمان خان، ريتڪ روشن، پريانڪا چوپڙا، ديپيڪا پڊوڪون، سوناڪشي سنها فن جو مظاهرو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*