تائيواني بينڊ، جـــَي جــَي لـــِن ۽ جوليا پينگ گولڊن ميلوڊي ايوارڊ ماڻي ورتا

thamli-awards

تائيواني بينڊ سوڊا گــِرين بيسٽ البم سميت 5 ايوارڊ ماڻي گولڊن ميلوڊي ايوارڊ جو ميلو لٽي ورتو، سنگاپور جي جـــَي جــَي ۽ تائيوان جي جوليا پينگ بهترين مينڊارين سنگرز جا ايوارڊ ماڻي ورتا. تائيوان جي راڄڌاني تائيپي ۾ گولڊن ميلوڊي ايوارڊ تقريب ٿي، تائيوان جي بينڊ سوڊا گرين، بهترين البم، بيسٽ بينڊ ۽ بيسٽ ميوزيڪل ارينجر سميت 5 ايوارڊ ماڻيا. بهترين مليس ميڊنڊارين سنگر ۽ بيسٽ ڪمپوزر جا ايوارڊ سنگاپور جي سنگر ۽ نغما نگار جـــَي جــَي لـــِن جي حصي ۾ آيا، بهترين فيميل سنگر جو ايوارڊ تائيواني ڳائڻي جوليا پينگ کي مليو، جنهن جو چوڻ هو ته هن اهو ايوارڊ ماڻڻ لاءِ 20 سال انتظار ڪيو ۽ آخرڪار سندس خواب ساڀيان ماڻي آهي. تقريب دوران ڪيرين موڪ، چيني پيانسٽ لينگ لينگ ۽ اَي مــِي فن جو مظاهرو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*