وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جو اختيار آهي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار

 سينيٽ اجلاس ۾   اپوزيشن ميمبرز، پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ۾ واڌ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي واڪ آئوٽ ڪيو آهي ، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سيلز ٽيڪس آئين جي ڀڃڪڙي ناهي، حڪومت کي اهڙا فيصلا ڪرڻ جو اختيار آهي، سيلز ٽيڪس ۾ واڌ عارضي آهي.

چيئرمين نئير حسين بخاري جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي واڌ  سميت اهم معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پ پ سينيٽر رضا رباني چيو ته سيلز ٽيڪس ۾ واڌ آئين جي آرٽيڪل 77 جي ڀڃڪڙي آهي،  حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي  آهي.

رضا رباني چيو ته مسلم ليگ نون منشور جي ڀڃڪڙي ڪندي ڊائريڪٽر ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته وفاقي ۽ صوبائي کي سيلز ٽيڪس وڌائڻ جو اختيار آهي، جيڪڏهن ٽيڪس نه وڌائڻو پوي ها ته ترقياتي خرچ گهٽائڻا پون ها.

اسحاق ڊار چيو ته بجلي اگهن ۾ في يونٽ تي 2 رپين کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي سان عوام کي سوا 4 ارب رپين جو فائدو ٿيندو.

    هن چيو ته آپريشن ضرب عضب تي 30 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي خرچ  ٿي چڪو آهي، جن مان 15 ارب آرمي آپريشن ۽ 15 ارب آءِ ڊي پيز تي خرچ ٿيا آهن.

اسحاق ڊار چيو ته آپريشن وارن علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ 100 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي،جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ گهربل حدف مشڪل مقرر ڪيو ويو آهي.

ايم ڪيو ايم جي نسرين جليل چيو ته ايس آر او جاري ڪري عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، فوري طور تي اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي.

سينيٽر زاهد خان چيو ته اسحاق ڊار لفظن جي هيرڦاري جو ماهر آهي، عوام تي اضافي بار وڌو ويو آهي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته سومر ڏهاڙي ان آئيني معامل تي بحث ڪرايو ويندو.

اجلاس ۾ ميمبرز، سيلڪز ٽيڪس ۾ واڌ خلاف واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن بعد اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي 10 هين وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*