مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا

THar child dead

مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا  فوت ٿي ويا،  جنهن بعد ٿر پارڪر ۾ 6 مهينن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 381 ٿي ويو، صحت کاتي هيل تائين 241 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

سول اسپتال ۾ ڳوٺ اڌڪو جي رهواسي پورهيت  اياز نهڙي جي 3 ڏينهن جي نياڻي بيبي ۽  اسلام ڪوٽ جي رهواسي عثمان ڪنڀر جو چئن ڏينهن جو  ٻارڙو بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا.

ٿرپاڪر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي 6 مهينن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 381 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي ٿرپارڪر هيل تائين 241 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته  460 ٻارڙن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

صحت کاتي موجب  پوڻا 6 مهينن ۾53 هزار 925 ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو، جنهن مان5 هزار 615 ٻارڙن کي اسپتالن ۾ ايڊمٽ ڪيو ويو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*