لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي ميينا زيادتين خلاف سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ آيل ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي عدالت کان انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل

larkana-protest

لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي ميينا زيادتين خلاف سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ آيل ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي عدالت کان انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ ٻاجهي خان گوپانگ جي رهواسين عورتن سميت پير بخش ، مير محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته 23 جون تي پوليس سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري  نوجوان جاني گوپانگ، حيدر۽ وحيد گوپانگ کي کنڀي کڻي وئي، جيڪي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهن.

هنن چيو ته نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف نوجوان اسلم گوپانگ 25 جون تي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد پوليس ٻيهر ڳوٺ تي چڙهائي ڪري فريادي کي به کنڀي وئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي نا انصافين جو نوٽيس وٺي کنڀي گم ڪيل نوجوان کي فوري طور آزاد ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*