ايٽمي پروگرام تي امريڪا جا مطالبا ۽ اميدون تسليم نه ٿيڻ تي ناڪاري اشاره ملي رهيا آهن: سرتاج عزيز

sartaj-ziz

پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ايٽمي پروگرام تي امريڪا جا مطالبا ۽ اميدون تسليم نه ٿيڻ تي ناڪاري اشاره ملي رهيا آهن، پاڪ-امريڪا ۾ پيدا ٿيل ويڇن مان ڀارت فائدو حاصل ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز چيو ته راهداري منصوبو پاڪ آمريڪا ڇڪتاڻ جو ڪارڻ آهي، ناڪاري اشاره ملڻ باوجود پاڪستان پنهنجو ڪم جاري رکندو.

پرڏيهي صلاحڪار چيو ته روس ۽ چين جو نئون اتحاد سامهون اچي رهيو آهي،  عالمي صورتحال ۾ وڏي پئماني تي تبديلي جا امڪان آهن.

هن چيو ته طور خم بارڊر وٽ گيٽ تعمير ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، جڏهن ته بنا دستاويزن جي افغانستان مان ڪنهن کي به اچڻ نه ڏنو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ملا اختر منصور جي مارجڻ کانپوءِ طالبان جا ڪجهه ڌڙا امن ڳالهين جي حق ۾ آهن ته وري ڪجهه مخالفت ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هاڻي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ افغانستان ۾ڳاليهن وارو ڌڳ بند ٿي ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کان نئين سر جاچ شروع ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي مداخلت جا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*