موسميات کاتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنز ۾ اڄ رات جو برسات پوڻ جي اڳڪٿي ۽ بلوچستان لاءِ طوفاني برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

Rain weather 31-7

چوماسي جون هوائون پاڪستان ۾ داخل ٿي ويون آهن، موسميات کاتي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنز ۾ اڄ رات جو برسات پوڻ جي اڳڪٿي ۽ بلوچستان لاءِ طوفاني برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ڊي جي ميٽ غلام رسول ملڪ ۾ موسم بابت اڳواٽ ڏيندڙ ريڊار سسٽم پراڻو هئڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته 40 ضلعن ۾ اڳواٽ وارننگ سسٽم موجود ئي نه آهي.

 موسميات کاتي جي رپورٽ موجب وچولي بلوچستان ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٻوسٽ آهي، جڏهن ته سامونڊي علائقن مان به برساتي سلسلو اتر طرف وڌي رهيو آهي، ساڳئي وقت ملڪ جي اولهندي علائقي ۾ به ڪڪر موجود آهن.

موسميات کاتي موجب ڄاڻايل صورتحال سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزنس ۾ تيز هوا سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنز سميت نصير آباد، سبي ۽ بهاولپور ڊويزنس ۾ پڻ طوفاني هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جنهن سان گڏوگڏ هلڪي برسات به ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا، لاهور، ڊيرا غازي خان، ملتان، فيصل آباد، ڪوئيٽا، زوب، هزاره، پشاور ۽ ڪشمير ۾ ڪٿي ڪٿي برسات ٿي سگهي ٿي.

ڊي جي ميٽ غلام رسول چيو آهي ته ملڪ جي ٽوٽل 97 ضلعن ۾ ريڊار سسٽم پراڻو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته 40 ضلعن ۾ اڳواٽ وارننگ سسٽم موجود ئي نه آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت رڳو 7 ريڊار آهن، جن جي عمر 10 سال هئڻ باوجود اڪثر 20 سال پراڻا آهن.

ڊي جي ميٽ غلام رسول چيو ته ملڪ ۾ وڌيڪ 2 نوان ريڊار لڳايا پيا وڃن، جنهن سان صورتحال ۾ بهتري جي اميد آهي پر اڃا به 22 ريڊارز جي ضرورت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*