اسپيڪر جي صدارت هيٺ آئيني ماهرن جو اجلاس ۾ وڏي وزير خلاف امڪاني بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ تي غور ڪيو ويو

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت هيٺ آئيني ماهرن جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ وڏي وزير خلاف امڪاني بي اعتمادي واري رٿ کي ناڪام بڻائڻ جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي جي عمارت ۾  اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ آئيني ماهرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 163 جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس بعد جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪو به ميمبر پارٽي سان غداري ڪندو اهو آئين جي آرٽيڪل 163 تحت نااهل ٿي ويندو.

بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پارٽي سان غداري ڪندڙ سياسي خودڪشي ڪندا ۽ انهن جو فيصلو غيرقانوني هوندو، جنهن تحت هو نا اهل ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*