پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعليٰ سطحي اجلاس، اويس شاهه جي اغوا ۽ امجد صابري جي قتل واري واقعن جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ورتي

Bilawal-Bhutto-24-7

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي اويس شاهه جي اغوا ۽ امجد صابري جي قتل واري واقعن جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ورتي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري بلاول هائوس ڪراچي ۾ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ وڏي وزير، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ بلاول ڀٽو زرداري کي اويس شاهه جي اغوا ۽ امجد صابري جي قتل واري واقعن جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني آهي.

ذريعن موجب  پ پ چيئرمين  چوماسي جي برساتن ۽  ٻوڏ جي امڪاني تباهڪارين کي منهن ڏيڻ لاءِ  سنڌ حڪومت پاران ورتل اپائن بابت تفصيل معلوم ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*