بلاول زرداري سنڌ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان ملاقات، پٽ جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ورتل اپائن بابت آگاهي ڏني

bilawal-meet-cheif-justic

پ پ چيئرمين بلاول زرداري سنڌ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان ملاقات ڪري سندس پٽ جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ورتل اپائن بابت آگاهي ڏني آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيف جسٽس کي خاطري ڪرائي ته اويس شاهه کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

   بلاول ڀٽو زرداري سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي، چيف جسٽس،جسٽس سجاد علي شاهه سان ملاقات ڪري سندس پٽ جي اغوا واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان ملاقات دوران سندس پٽ جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت پاران ورتل اپائن بابت آگاهي ڏيندي کيس خاطري ڪرائي ته اويس شاهه کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.

   ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*