پرڏيهي کاتي نيب کي خط لکي ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف هلندڙ ڪيسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا

Dr-Asim-30416

پرڏيهي کاتي نيب کي خط لکي ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف هلندڙ ڪيسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا، خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نيب کان ملندڙ تفصيل امريڪي ڪانگريس ميمبر ميگزين واٽرز کي اماڻيا ويندا، امريڪي ڪانگريس ميمبر پرڏيهي کاتي کان ڊاڪٽر عاصم بابت تفصيل گهريا هئا.

پرڏيهي کاتي قومي احتساب بيورو کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ڪيسز جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي کاتي جي خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم خلاف سمورن ڪيسن جا تفصيل موڪليا وڃن ته جيئن اهي امريڪي ڪانگريس ميمبر کي موڪلي سگهجن.

واضح رهي ته آمريڪي ڪانگريس ميمبر ميگزين واٽرز پاڪستاني سفارتخاني کي خط لکي ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪيسز جا تفصيل گهريا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*