ٽمبر مارڪيٽ واقعي جي رپورٽ ملڻ بعد متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي قائم علي شاهه

ڪراچي  ۾ سنڌ جي  وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽمبر مارڪيٽ باهه واقعي بابت اهم اجلاس ٿيو، وڏي وزير  سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته باهه متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

ٽمبر مارڪيٽ باهه واقعي جي متاثر واپارين ۽ ٻين متاثرن جي هڪ وفد وزيراعلي هائوس ڪراچي ۾  ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ  اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس دوران وڏي وزير چيو متاثرن کي شروعاتي طور هڪ هڪ لک رپيا ڏنا ويا آهن، جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ بعد متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*