روزي ۾ ٽيم جي رانديگرن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي:مڪي آرٿر

pakistan-new-coach-mickey-a

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته روزي ۾ ٽيم جي رانديگرن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي ۽ هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.

هڪ برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته پاڪستان جي ٽيم جي سمورن رانديگرن ۾ بهترين ٽيئلنٽ موجود آهي.

هن چيو ٽيم جو هر هڪ رانديگرن پنهنجي بهترين صلاحيتن سبب ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيو آهي.

هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته مصباح الحق جي قيادت ۾ سموري ٽيم متحد آهي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته ٽريننگ دوران سمورن رانديگرن کي روزو هوندو آهي ۽15 ڪلاڪ بغير ڪجهه کائڻ پيئڻ جي سڀ مڪمل ٽريننگ ڪري رهيا آهن، جيڪا ڳالهه ساراهه جوڳي آهي.

هن چيو ته يونس خان ۽ مصباح الحق روزي ۾هوندي درخواست ڪئي هئي ته سمورا رانديگر هر قسم جي ٽريننگ ڪرڻ تي راضي آهن ۽ جهڙي رزلٽ توهانکي گهرجي رانديگرن ان تي پورا لهندا پر کين روزه رکڻ ڏنا وڃن.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو چوڻ هوته پاڪستان جي ٽيم فيلڊنگ جي شعبي ۾ ڪمزور آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*