ويسٽ انڊيز ۾ منعقد ٿيل ٽي-ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي فائنل ۾ آسٽريلوي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 58رنز تان شڪست

west-indies-vs-australia

ويسٽ انڊيز ۾ منعقد ٿيل ٽي-ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي فائنل ۾ آسٽريلوي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي  58رنز تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ويسٽ انڊيز جي شهر بارباڊوس ۾ کيڏي ويل ٽي-ملڪي ڪرڪيٽ سيريزجي فائنل ۾آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان اسٽيوِ سمٿ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

مقرره 50 اوورس ۾ آسٽريليا جي ٽيم 9وڪيٽن جي نقصان تي 270رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾آرون فنچ 47، اسٽيوِ سمٿ 46،مارش 32 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ميٿيو ويڊ 57رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽاپ اسڪورر رهيو.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران جيسن هولڊر۽گيبريئيل ٻه-ٻه، جڏهن ته بريٿويٽ، ڪيرن پولارڊ، سنيل نارائن ۽سليمان بين هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽِيم آسٽريليا پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 271رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 45 ڏهائي 4 اوورس ۾ صرف 212رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران چارلس 45، ڊنيش رامدين 40،جڏهن ته جيسن هولڊر 34۽ڪيرن پولارڊ 20 جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

آسٽريلوي ٽيم پاران هيزل ووڊ شاندار بالنگ جومظاهرو ڪندي 50رنز عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون،جڏهن ته مچل مارش ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

مچل مارش کي آلرائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته هيزل ووڊ کي مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*