برطانيه جو يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ وارو فيصلو: عالمي منڊين ۾ ٻاڙائي برقرار

british--vote-for-live

برطانيه جي يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ بعد ايشيائي مارڪيٽس ۾ مندي جو لاڙو برقرار آهي ۽ پائونڊ اسٽرلنگ جي ملهه ۾ ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ لاٿ اچي وئي….برطانوي ناڻي واري وزير جارج اوسبورن چيو آهي ته ملڪ جي يورپي يونين ڇڏڻ کانپوءِ مارڪيٽن تي ڪجهه عرصي تائين اثر پوندا پر ملڪي معيشت ايتري مضبوط آهي جو اها سامهون ايندڙ چيلينجز سان مقابلو ڪري سگهي ٿي….خميس تي برطانوي عوام ريفرنڊم ذريعي يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو سامهون اچڻ بعد جمعي تي جاپاني اسٽاڪ مارڪيٽ نڪئي ۾ 8 سيڪڙو لاٿ اچي وئي هئي پر سومر تي رڳو 2 ڏهائي 4 سيڪڙو واڌ نظر آئي…جاپاني پرڏيهي وزير فيوميو ڪيشادا برطانوي سفير ٽــِم هــيچنس کي چيو آهي ته برطانوي حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته برطانيه ۾ ڪم ڪندڙ هڪ هزار کان وڌيڪ جاپاني ڪمپنيون پنهنجو ڪم جاري رکي سگهن… مارڪيٽن ۾ بحران سبب چين جي مرڪزي بينڪ يوئان جو ملهه ڊالر جي ڀيٽ ۾ ڏهائي 9 سيڪڙو گهٽائي ڇڏيو آهي جنهن بعد ڊالر جو ملهه 6 ڏهائي 6 ٽي ست يوئان ٿي ويو آهي. ڏکڻ ڪوريا اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به لاٿ جو لاڙو برقرار نظر آيو…پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ايشيائي مارڪيٽس تي برطانيه جي يورپي يونين کان ڌار ٿيڻ سان ڪو گهڻو اثر نه پوندو پر اهو سلسلو مهينن تائين جاري رهڻ سبب ڪاروبار ۾ ڪجهه لاٿ نظر اچي سگهي ٿي…. ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ گيون مارڪيٽس ۾ استحڪام لاءِ سمورا گهربل قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي…هانگ ڪانگ اسٽاڪ مارڪيٽس به مندي جي لاڙي سان کلي ۽ هينگ سينگ انڊيڪس ۾ هڪ ڏهائي 3سيڪڙو لاٿ ڏٺي  وئي…جمعي ڏينهن پائونڊ اسٽرلنگ جي ملهه ۾ 11 سيڪڙو لاٿ اچي وئي هئي، جيڪا 1985ع کانپوءِ پائونڊ جي اگهه ۾ سڀ کان وڌيڪ لاٿ هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*