سنگاپور ايئر لائنز جي اڏام کي باهه، مسافر ۽ عملو محفوظ رهيو

Singapore-Airline-Fire_6

سنگاپور ايئر لائينز جي ميلان ڏانهن ويندڙ اڏام جي انجڻ ۾ خرابي سبب واپس چانگي ايئرپورٽ تي لاهڻ وقت باهه لڳي وئي پر سمورا مسافر محفوظ رهيا….سنگاپور ايئرلائنز جي اڏام بوئنگ ٽرپل سيون  اٽلي جي شهر ميلان وڃي رهي هئي ته ٻن ڪلاڪن جي سفر کانپوءِ پائلٽ انجڻ آئل جي وارننگ ڏسڻ بعد اعلان ڪيو ته انجڻ ۾ مسئلي سبب کين جهاز واپس ورائڻو پئجي رهيو آهي…جهاز جيئن ئي چانگي ايئرپورٽ تي لٿو ته ان جي ساڄي انجڻ کي باهه لڳي وئي، جنهن کي ايمرجنسي سروسز جي عملي وسائي ورتو….حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو ۽ 222 مسفار توڙي عملي جا 19 ڄڻا مڪمل محفوظ رهيا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*