سکر مان کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي ٻن ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو

سکر مان کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪن مظفر جتوئي ۽ عاشق چانڊيو جي آزادي لاءِ ڪارڪن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڪارڪنن گدا حسين، ثناءُ الله منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ڪجهه ڏينهن سکر شهر مان نوجوان مظفر جتوئي ۽ عاشق چانڊيو کي کنڀي گم ڪيو ويو، پر هيل تائين سندن ڪوبه ڏس پتو ناهي پيو.

هنن چيو ته کين شڪ آهي ته ٻنهي نوجوانن کي قتل ڪيو ويندو، جنهن سبب نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ ٻنهي نوجوان کي جلد آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*