ڀارت ذڪي الرحمان لکوي جي ضمانت تي غير ضروري واويلا ڪري رهيو آهي تسنيم اسلم

 پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ قيدين ۽ ايٽمي تنصيبات جي فهرستن جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪري اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو ، ڀارت ذڪي الرحمان لکوي جي ضمانت تي غير ضروري واويلا ڪري رهيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتي وار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم چيو ته نئين دهلي هاءِ ڪميشن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ قيدين فهرستن جي مٽا سٽا ڪئي وئي ، فهرست موجب ڀارت ۾ 3 سئو 60 شهري ۽ ڏيڍ سئو مهاڻا قيد آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ 2 سئو 55 پاڪستاني ۽ هڪ سئو 52 مهاڻا قيد آهن.

پرڏيهي ترجمان چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو، دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهيون پڻ ٿينديون.

هن چيو ته ذڪي الرحمان لکوي جو معاملو عدالت ۾ هلي رهيو آهي، ڀارت لکوي جي ضمانت واري معاملي تي اجائي واويلا ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس سانحو ممبئي حملن کان 2 سال اڳ پيش آيو هو ۽ حملي ۾ ملوث مـُک جوابدار کي ڀارت ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، ڀارتي خاطرين باوجود هن وقت تائين سانحي جي جاچ کان آگاهه ناهي ڪيو.

پرڏيهي ترجمان تسنيم اسلم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران گيس پائيپ لائين لاءِ پر عزم آهن، ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن ۾ رابطو پڻ هلي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*