خيبرپختونخواهه سرڪار، افغان مهاجرن جو ملڪ ۾ ترسڻ واري مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي وفاقي سرڪار کي درخواست

khyber afghan muhjir

خيبرپختونخواهه سرڪار، افغان مهاجرن جو ملڪ ۾ ترسڻ واري مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي وفاقي سرڪار کي درخواست ڪئي آهي ته افغان پناهگيرن کي فوري طور واپس موڪليو وڃي.

ڪي پي ڪي سرڪار جي ترجمان مشتاق احمد غني وفاقي حڪومت کي خط لکي افغان مهاجرن جي ملڪ ۾ ترسڻ واري مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

مشتاق احمد غني چيو ته افغان مهاجر پاڪستان جي معيشت تي بار آهن، جڏهن ته اڪثر پناهگير دهشتگردي جي واقعن ۾ به ملوث آهن.

ڪي پي ڪي سرڪار جي ترجمان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته افغان مهاجرن جو پاڪستان ۾ ترسڻ وارو مدو 30 جون تي ختم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته کين ملڪ ۾ وڌيڪ ترسڻ جي اجازت نه ڏئي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*