بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت تي ناراض نه آهي ۽ نه وري پ پ ۾ ڪي اختلاف آهن:نثار کهڙُو

nisar-khoro

سنڌ جي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت تي ناراض نه آهي ۽ نه وري پ پ ۾ ڪي اختلاف آهن.

بلاول هائوس ۾ ضلعي اوڀر مان آزاد حيثيت ۾ چونڊيل نمائندن جي پ پ ۾ شموليت وقت پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته ڪراچي آپريشن جي ڪپتان کان ڪجهه معاملن تي پڇيو ئي نٿو وڃي.

هن چيو سنڌ حڪومت کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندڙ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ان وقت جي حڪمرانن کان استعيفا جو مطالبو ڇو نه ڪيو .

نثار کهڙي چيو ته  امن امان رڳو هڪ ماڻهو جو مسئلو نه آهي، سڀني کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.

سينيئر تعليم واري وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت تي ناراض نه آهي ۽ نه وري پ پ ۾ ڪي اختلاف آهن.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ واسطيدار وزير کي چئي بهتر ڪيو آهي.

نثار کهڙي چيو ته آپريشن ضرب عضب جو ڪپتان وزير اعظم آهي، اهو ڪٿي آهي ان کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*