سينيئر جسٽس سيد منصور علي شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ جي 45 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

lahore-half-

سينيئر جسٽس سيد منصور علي شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ جي 45 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته غلط ڪم ڪندڙ ڪير به ڇو نه هجي، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاهور ۾ هاءِ ڪورٽ جي 45 هين چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن دوران پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه جسٽس منصور علي شاهه کي 45 هين چيف جسٽس طور حلف کڻايو.

حلف برداري تقريب ۾ ججز ۽ وڪيلن کان علاوه پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي راڻا محمد اقبال ۽ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله سميت ٻين شرڪت ڪئي.

حلف برداري تقريب بعد چيف جسٽس، منصور علي شاهه لاهور هاءِ ڪورٽ پهتو ته پوليس جي جٿي کيس سلامي پيش ڪئي.

جڊيشل اڪيڊمي ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته انصاف جي وقت سر فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا ويندا، غلط ڪم ڪندڙ ڪير به ڇو نه هجي، ڪارروائي ڪئي ويندي.

جسٽس منصور علي شاهه کي جسٽس اعجاز الحق جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرريءَ بعد چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي.

جسٽس اعجاز الحسن به سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*