بدين ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ايڪسيئن آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ڀڃ ڊاهه ڪئي

badin-protest

بدين ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ايڪسيئن آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، ايس ڊي او جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوٽڙي، کڏڙو ۽ خانپور مهر ۾ به بجلي جي بندش خلاف  احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

بدين ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف واپاري اتحاد جي سڏ تي شهرين سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪري ايڪسئن حيسڪو جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

مڇرين ماڻهن احتجاج ڪندي ايڪسيئن آفيس  ۾ داخل ٿي  ڀڇ ڊاهه ڪئي ۽ حيسڪو اختيارين خلاف شديد نعريبازي ڪئي.

شهرين جو چوڻ آهي ته بدين شهر ۽ ڀرپاسي ۾ روزانو 16 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري رهواسين جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي.

هنن چيو ته ڳرا بل اداد ڪرڻ باوجود بجلي ڪيترائي ڪلاڪ بند  هوندي آهي، جنهن ڪري عيد ويجهو ايندي ئي ڪاروبار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙ شهرين مطالبو ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ حيسڪو خلاف تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

احتجاج دوران اي ڊي او حيسڪو مظاهرين وٽ پهچي بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضِابطو آڻڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِاحتجاج ختم ڪيو ويو.

ڪوٽڙي ۾ به سائيٽ واري علائقي ۾ بجلي جي بندش خلاف رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت ايڪسئين آفيس آڏو ڌرنو هڻي نعريبازي  ڪئي، ان دوران  آفيس مان عملو فرار ٿي ويو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته سائيٽ ڪوٽڙي جي ڪيترن علائقن ۾  گذريل 8 مهينن کان بند ڪيل بجلي بحال نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بند پيل بجلي فوري طور بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

کڏڙي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو  ڌرڻو هڻي سيپڪو اختيارين کان نعريباز ي ڪئي.

خانپور مهر ۾ سيپڪو اختيارين جي نا مبينا انصافين خلاف شاهي بازار جي واپارين ڪاروباري مرڪز بند ڪري ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته  لائين سپريڊنٽ  امان الله ميراڻي  بل ادا ڪرڻ باوجود شاهي بازار ۾ آپريشن ڪري ڪيترائي ڪنيشن ڪاٽي ڇڏيا ۽ مزاحمت تي تشدد ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته لائين سپريڊنٽ خلاف ڪيس داخل ڪري ڪاٽيل سمورا ڪنيڪشنز بحال ڪيا ويا وڃن، ٻي صورت ۾سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هوڏانهن سيپڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته غير قانوني ڪنيڪشنز ڪاٽڻ تان واپارين لائين سپريڊنٽنٽ کي تشدد جو نشانو بڻايو آهي، ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*