نوشهري فيروز مان 3 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڳوٺاڻو غلام عباس سولنگي بازياب نه ٿي سگهيو

naushorofiroz-protest

نوشهري فيروز مان 3 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڳوٺاڻو غلام عباس سولنگي بازياب نه ٿي سگهيو آهي، سولنگي برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي.

3 ڏينهن اڳ نوشهرو فيروز باءِ پاس وٽان اڻڄاتل هٿياربند غلام عباس سولنگي کي اغوا ڪري ويا هئا.

مغوي جي وارثن پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهري دوران پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مغوي جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته مغوي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*