نوشهري فيروز ۾ سوناري جي دڪان تان ڦر ۽ شهر ۾ بدامني خلاف جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

naushoro-firoz-JSQM

نوشهري فيروز ۾ سوناري جي دڪان  تان ڦر ۽ شهر ۾ بدامني خلاف جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

جسقم ڪارڪنن ساگر حنيف بڙدي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن دانهيو ته پوليس جي نااهلي سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي ۽ ڦر جا واقعا معمول بڻيل آهن.

هنن چيو ته پوليس ڦل شهر ۾ سوناري ماجد پيرزادي جي دڪان مان ڌاڙي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران سکڻا دلاسا ڏئي رهي آهي.

جسقم ڪارڪنن مطالبو ڪيو ته سوناري جي دڪان تان ٿيل ڦر جا جوابدار گرفتار ڪري شهر ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ جاري رکي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*