سينيٽ جي انسان کي قتل ڪرڻ وارن واقعن تي ڳڻتي ظاهي حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي، غيرت جي نالي تي عورتنر

senate

سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪميٽي غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪرڻ واري واقعن ۾ رياست کي ڌر بڻجڻ ٿيڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته عورتن تي تشدد جي ذميوار اسلامي نظرياتي ڪائونسل آهي، عورتن خلاف سفارشن ۾ ماڻهن ۾ ناڪاري سوچ پيدا ٿي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ چيئرمين نسيرين جليل جي صدارت هيٺ سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڇڪڙي وارن ڪيسز جو جائزو ورتو ويو.

ڪميٽي پاران غيرت جي نالي تي عورتن جي قتل وارن واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي سفارش ڪئي وئي ته غير جي نالي تي ڪيسز ۾ معافي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته عورتن خلاف تشدد جي تازي لهر اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ ٻين ادارن جو رد عمل آهي، ملڪ ۾ فلمن ۽ ڊرامن ۾ به غيرت جي نالي تي قتل وارا واقعا ڏيکاريا ويندا آهن.

فرحت الله بابر چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن تي ڳڻتي آهي، اهڙي سفارشن بعد عورتن تي تشدد وارن واقعن ۾ واڌ ٿي آهي، ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان سان به ڳالهايو آهي.

انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته جيستائين رياست اهڙن ڪيسز ۾ ڌر نه ٿيندي، اهڙا واقعا ختم نٿا ٿي سگهن، اهڙو قانون ٺهڻ گهرجي، جيڪو واپس نه ٿيڻ گهرجي.

انساني حقن بابت ڪميٽي سفارش ڪئي ته غيرت جي نالي تي قتل ۾ رياست کي ڌر ٿيڻ گهرجي، اهڙن ڪيسز ۾ قصاص ۽ ديت جا اسلامي قانون لاڳو نه ٿيڻ  گهرجن.

ڪميٽي پاران اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته عورتن تي تشدد جي ذميواري اسلامي نظرياتي ڪائونسل آهي، عورتن خلاف سفارشن سان عام ماڻهن ۾ ناڪاري سوچ پيدا ٿيندي آهي.

ڪميٽي چيئرمين نسرين جليل چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڪثر ميمبر جديد زماني جي قانونسازي کان اڻڄاڻ آهن، ڏاڍائي وارن ڪيسز ۾ ڊي اين اي کي ثبوتن طور تسليم نه ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.

 نسرين جليل چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو مدو ختم ٿي ويو آهي، بهتر اهي ته ان کي بند ٿيڻ گهرجي، ڪائونسل جي آئيني حيثيت بابت قاون واري وزارت کي خط لکيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*