اليڪشن ڪميشن ۾ مختلف آفيسرز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون

Election--11-11

اليڪشن ڪميشن ۾ مختلف آفيسرز جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن ، تنوير ذڪر کي 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي سنڌ جو اليڪشن ۽ مسرت خان کي خيبرپختونخواهه جو نئون اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي منظوري بعد اليڪشن ڪميشن ۾ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر تنوير ذڪي کي 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي سنڌ جو اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊي جي اليڪشن ڪميشن ظفر اقبال کي 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ بعد سندس ايڊيشنل سيڪريٽري ٽريننگ طور مقرري ڪئي وئي آهي، جتان ايڊيشنل سيڪريٽري شيرافگن کان اها اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي.

بلوچستان جي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر نعيم مجيد جعفري کي 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ بعد ڊي جي اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪرڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

خيبرپختونخواهه جي وقتي اليڪشن ڪمشنر مسرت خان کي 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي ڪي پي جو نئون صوبائي اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*