پي ٽي آءِ ڪراچي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شيرين خان 20 کان وڌيڪ مقامي اڳواڻن سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

pti

پي ٽي آءِ ڪراچي جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شيرين خان 20 کان وڌيڪ مقامي اڳواڻن سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙَي چيو آهي ته پ پ ڪارڪنن جي قرباني جو مثال دنيا ۾ نٿو ملَي، ظلم جا پهاڙ ڪيرايا ويا پر هــُو پنهنجي مشن تي ثابت قدم رهيا.

پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري شيرين خان ڪراچي ۾ سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي 20 مقامي اڳواڻن سميت پي ٽي آءِ کي الوداع چئي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي نثار کهڙَي چيو ته شيرين خان پراڻي سياسي ورڪر آهي، جيڪا پنهنجي ساٿين سان گڏ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي آهي.

هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل ۽ صوبائي خودمختياري به پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي قربانين جو نتيجو آهي، جمهوريت جي بحالي ۾ پيپلز پارٽي جي قربانين جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي.

صوبائي وزير نثار کهڙَي چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن تي رياستي ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا ويا پر اهي پنهنجي مشن ۾ هميشه ثابت قدم رهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*