حيدرآباد ۾ ٽرالر ڪار مٿان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

hyderabad-hadso

حيدرآباد ۾ ٽرالر ڪار مٿان ڪلٽي ٿيڻ جي  نتيجي ۾  2 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل ۽ مزده وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت فوت ۽ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حيدرآباد جي نسم نگر واري علائقي ۾ ٽرالر ڪار مٿان ڪلٽي ٿي پيو،  جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گاڏي مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ڀرسان قمبر روڊ تي موٽر سائڪيل کي مزده جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت زاهدان ڪلهوڙو ٿڏي تي فوت ٿي وئي، 5 ورهين زوييا ۽ نوجوان نذير زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*